پهلوان شير ميربحر

پهلوان، شير ميربحر: ملهن جو مهندار، ملهه پهلوان شير محمد ميربحر مشهور ”شير ميربحر“، 21 جنوري 1924ع تي اڳوڻي ضلعي نوابشاهه جي شهر ڪنڊياري ۾ جنم ورتو. سندس تعليم پنج درجا هئي. هي ملهه جي انگن ۾ سنڌ جي سمورن پهلوانن کان معتبر ليکيو ويندو هو. هي 30 سالن تائين ملهه جي ميدان ۾ رهيو. سندس پهريون استاد لقمان خشڪ ڪنڊياري وارو هو. ان کان پوءِ محمد اسماعيل بڙديءَ کان تربيت ورتائين، باقي عرصو لالا علي نواز شڪارپور واري وٽ رهيو ۽ ڪافي انگ ان کان به سکيائين. هن پنجاب جي ڀولو پهلوان جي مقابلي جي آڇ قبول ڪئي ۽ اهو ملاکڙو ميرپور خاص ۾ ٿيو، ان وقت اتي ڊپٽي ڪمشنر ڪئپٽن عثمان علي عيساڻي هو. شير ميربحر مقابلي وقت چيو هو ته ”ڀولو پهلوان لاءِ ته منهنجو يڪو پهلوان ئي ڪافي آهي“. واقعي يڪي پهلوان، ڀولو پهلوان کي هارايو. ان کان پوءِ شير ميربحر جو مقابلو بين الاقوامي سطح تي ڀارت جي پهلوان گرنام سنگهه سان 1966ع ۾ نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٿيو، ساڳئي سال يوگو سلوويڪيا جي پهلوان زسبيڪو سان سندس هالن ۾ مقابلو ٿيو ۽ شير ميربحر ٻنهي پهلوانن کان مقابلو کٽي ورتو. هز هائينس مير علي مراد خان واليء خيرپور ميرس جي تاج پوشيءَ جي موقعي تي به شير ميربحر، انب شيدي، هوشو شيدي ۽ پهلوان هينڊل مڪرانيءَ کي دسي ان وقت جي وزيراعظم لياقت علي خان ۽ سندس گهر واري رعنا لياقت علي خان کان انعام حاصل ڪيو هو. هي مقابلو 1951ع ۾ ٿيو هو. عمر جي آخري حصي ۾ خيرپور ۾ الهه جڙيي سمي سان مقابلو ڪيائين، پر نبري نه سگهيو. شير ميربحر کي ”رستم سنڌ“ جو خطاب مليل هو. هي ملهن جو نيشنل ڪوچ پهلوان به ٿي رهيو. سندس شاگردن ۾ محمد بخش بڙدي، در محمد عالماڻي، شير گوپانگ ۽ غلام قادر لغاريءَ چڱو نالو ڪڍيو. سياست ۾ به حصو ورتائين. ايوبي دؤر ۾ بِي. ڊي (B.D) ميمبر ٿي رهيو. بڪين جي تڪليف سبب ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾، 8 مارچ 1985ع تي وفات ڪيائين.


لفظ پهلوان شير ميربحرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.01.21  عيسوي

ملهه پهلوان شير محمد ميربحر مشهور ”شير ميربحر“، 21 جنوري 1924ع تي اڳوڻي ضلعي نوابشاهه جي شهر ڪنڊياري ۾ جنم ورتو.


1985.03.08  عيسوي

پهلوان شير ميربحر 8 مارچ 1985ع تي وفات ڪيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انور علي شاهه ڊاڪٽر
حفيظ ڪنڀر
مير نور محمد خان ٽالپراول
آري
ساره انصاري ڊاڪٽر
ڀائي مردانا
اظهار قاضي
شعيب لاکيار عرف لاخيال بودلو مخدوم
اسدالله کهڙوي
حڪيم محمد عمر لاکو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون